پرسرام مشتري ڀاٽيا

پرسرام مشتري ڀاٽيا: منشي پرسرام ٺٽوي ذات جو ڀاٽيا هو. هو فارسي ۽ اردو زبان جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. هي فصاحت و بلاغت جو ماهر ۽ علم معاني و بيان کان واقف هو. فارسيءَ ۾ ”مشتري“ ۽ اردو ۾ ”بيربل“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. فارسي شاعريءَ ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ اردو شاعريءَ ۾ مير محمود صابر رضوي ٺٽويءَ جو شاگرد هو. اردو ۽ فارسي ٻنهي زبانن جا الڳ الڳ ديوان جوڙيائين. جنهن وقت مير علي شير قانع ٺٽوي تذڪره مقالات الشعرا“ لکي رهيو هو ته ان وقت (1174 هه/ 1760ع) منشي پرسرام بلڪل نوجوان هو. ڪن روايتن موجب منشي پرسرام ڀاٽيا، مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪومت جي دؤر (1215هه/ 1800ع) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو